SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


TCK Third Culture Kid

(click word to listen sound
  • 🔊
  • tck
  • θəːd
  • kʌltʃər
  • kid
  • )

From the Dictionary of International Relations:

TCK Third Culture Kid

ٿرڊ ڪلچر ڪڊ

ٽين ثقافت جو ٻار

ڪوبه اهڙو ٻارُ جنهن ٻالجتيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ ثقافتن ۾ وقت گذاريو هجي ۽ ان جي نتيجي ۾ پنهنجي اباڻي ثقافت کان سواءِ ٻين ثقافتن کي گڏي، ڪنهن ٽين ثقافتي صورتحال ۾ رهندو هجي. اهڙا ٻار روايتي ”قومي شهريت“ کان هٽي ڪري، ٻين ڪيترن معاملن ۾ شرڪت داري ڪن ٿا ، تنهنڪري اهي هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائڻ ۽ ڌارين ثقافتن ۾ سمائجڻ ۾ ڀَڙُ هجن ٿا. جيتوڻيڪ اهڙن ٻارن کي دنيا ۾ رولا ڪيون ڪندي مزو اچي ٿو، پر پنهنجي پاسپورٽ واري ملڪ ۾ آباد ٿيڻ ۽ هڪ هنڌ ويهڻ ۾ ڏاڍي تڪليف محسوس ڪن ٿا، ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان اڳ اهڙن ٻارن (TCKs ) جو 66 سيڪڙو لاڳاپو مشنري ۽ تبليغي سرگرمين سان سلهاڙيل ڪٽنبن سان ۽ 16 سيڪڙو واپاري آڪهين سان هو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ان تناسب ۾ تبديلي آئي ۽ بين الاقوامي واپار ۾ واڌاري ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب، ”ٽين ثقافت جي ٻارن“ جي شرح هيٺين طرح بيٺي آهي: مشنري يا تبليغي: 17 سيڪڙو، واپاري ڪٽنب: 16 سيڪڙو، حڪومتي اهلڪارن جا ڪٽنب: 23 سيڪڙو، فوجي حلقا: 30 سيڪڙو، جڏهن ته باقي ٻيا 14 سيڪڙو بچن ٿا


Remember Me Also:

خسيس

صفت. [ع. خَسَ = هو رذيل ٿيو، هن گهٽايو] گهٽ درجي جو ، معمولي ، نِيچ ، رواجي ، ٿورڙو ، گهٽ ، ادنيٰ ، خفيف ، سفلو ، غير ضروري. ٿوري مُلهه وارو ، ڪِينَ جهڙو ، غريباڻو. ڪميڻو ، بخيل ، ڪنجُوس ، هلڪڙو ، ٽرڙو ، هلڪڙي طبيعت وارو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal